2020 جو پهريون چنڊ گرهڻ 10 ۽ 11 جنوري جي رات ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال يعني 2020 جو پهريون جزوي چنڊ گرهڻ 10 ۽ 11 جنوري جي وچ واري رات تي ٿيندو. انسٽيٽيوٽ آف اسپيس سائنس اينڊ پلينيٽري ايسٽرو فزڪس (اسپاڪا) جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جاويد اقبال مطابق چنڊ گرهڻ پاڪستان سميت دنيا جي کوڙ سارن ملڪن ۾ ڏٺو ويندو. ڊائريڪٽر اسپاڪا جو چوڻ هو ته چنڊ گرهڻ رات 10 لڳي 7 منٽن تي شروع ٿيندو جڏهن ته چنڊ کي مڪمل گرهڻ 12 لڳي 7 منٽن تي لڳندو. جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته چنڊ گرهڻ رات 2 لڳي 12 منٽن تي ختم ٿي ويندو جڏهن ته 10 ۽ 11 جنوري جي رات جزوي طور جهڙالي موسم رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو