اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت 200 يونٽس وارن صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.وفاقي ڪابينا 200 يونٽس وارن صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا کان هنگامي بنيادن تي بجلي جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. حڪومتي فيصلي موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2024 تائين 200 يونٽ في ماهوار استعمال ڪندڙن کي رليف ڏنو ويندو ۽ وفاقي حڪومت ٽيرف ۾ رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي. ذريعن موجب لائف لائن گراهڪ لاءِ في يونٽ ٽيرف 50 يونٽس ماهوار 3.95 رپيا ۽ لائف لائن جي 51 کان 100 يونٽس في يونٽ وارن صارفين لاءِ في يونٽ ٽيرف 7.74 رپيا برقرار رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاڻ اڄ ان پيڪيج جو اعلان ڪندو.










