20  لک پاڪستانين جي ديٽا هيڪ، آن لائين وڪري لاءِ پيش

20 لک پاڪستانين جي ديٽا هيڪ، آن لائين وڪري لاءِ پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)هيڪرز پاڪستاني شهرين جي سافٽ ويئر تي استعمال ڪيل ڊيٽا چوري ڪري ورتي آهي.هيڪرز ريسٽورنٽ ۾ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئر کي هيڪ ڪري ورتو آهي ۽ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ذاتي ڊيٽا انٽرنيٽ تي وڪري لاءِ موجود آهي. هيڪرز انٽرنيٽ تي ڊيٽا وڪڻڻ جو به اشتهار ڏنو آهي، جنهن ۾ پاڪستانين جي ذاتي ڊيٽا کي نموني طور ڏيکاريو ويو آهي.هيڪرز چيو آهي ته هنن 250 کان وڌيڪ ريسٽورنٽ جي ڪسٽمر ڊيٽابيس کي هيڪ ڪيو آهي، شهرين جي ڪريڊٽ ڪارڊ نمبرن ۽ موبائيل نمبرن جو ڊيٽا به نمونن ۾ موجود آهي.هيڪرز جي اشتهار ۾ درجنين ريسٽورنٽن جا نالا به شامل آهن، ننڍي توڙي وڏي. خاص سافٽ ويئر پاڪستان ۾ سوين ريسٽورنٽن پاران استعمال ڪيو ويندو آهي.ڪهڙي شهري ڪهڙي ريسٽورنٽ ۾ رقم ادا ڪئي، ڪيتري وقت ۽ ڪيتري رقم، سمورو ڊيٽا انٽرنيٽ تي موجود آهي.2 بٽ ڪوئين جي قيمت 22 لک شهرين جي ڊيٽا انٽرنيٽ تي وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي،مارڪيٽ ذريعن موجب هڪ بٽ ڪوئن جي قيمت 27 هزار ڊالر آهي، ٻه بٽ ڪوئن پاڪستاني روپين ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهن.ان حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم سرڪل جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪا به شڪايت نه ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو