ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 20 اپريل تي مڪمل سج گرهڻ ٿيندو.هي سج گرهڻ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ڏٺو ويندو، پر پاڪستان ۾ اهو نه ڏٺو ويندو.20 اپريل تي سج گرهڻ پاڪستاني وقت موجب صبح 6 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيندو.ڪُل سج گرهڻ صبح 7:37 تي ٿيندو، ان جي چوٽي 9:17 تي، ۽ 11 لڳي 59 منٽن تي ختم ٿيندي.جزوي سج گرهڻ ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا ۾ نظر ايندو.هڪ جزوي سج گرهڻ به آسٽريليا، پئسفڪ، هندي سمنڊ ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ نظر ايندو.










