سکر (بيورو رپورٽ) ٿاڻي بائجي شريف جي حدن ۾ قومي شاهراهه تي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.واقعي جي اطلاع ملندي ئي بائجي شريف پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واقعي واري هنڌ پهچي ٻٽي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ ٻن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ عبد المالڪ سموجو ۽ عبدالحنان سموجو شامل آهن. جوابدارن جي قبضي مان هڪ ريپيٽر بندوق پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. واقعي ۾ قتل ٿيل عورت جي سڃاڻپ سدرا سموجو ۽ نوجوان جي سڃاڻپ ديدار شيخ جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ٻنهي جا لاش ويجهي اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس موجب گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.










