ڪراچي: اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي: اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ زخمي جوابدار سميت 2 مبينا اسٽريٽ ڪرمنلز کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين موجب جهانگير روڊ ڀرسان پوليس ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن کانپوءِ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ طيب ولد ابراهيم ۽ نصير ولد عبدالعزيز طور ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان پستول، گوليون ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو