ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بفر زون سيڪٽر 15 ۾ پوليس ۽ مبينا ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گشت دوران اهلڪارن موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، پر جوابدار فرار ٿيڻ لڳا. پوليس اهلڪارن جوابدارن جو پيڇو ڪيو ته انهن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي جوابدار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان 2 پسٽل ۽ 3 موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.










