اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف غيرمعمولي لوڊشيڊنگ تي مايوسي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ بجلي کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس لاهور ۾ جاري آهي، جنهن ۾ حڪومتي عملدارن کان علاوه ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، مصدق ملڪ ۽ ٻيا به شريڪ آهن.ذريعن موجب وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي پئي،مان اوهان جي ڪوڙ کي تسليم نه ٿو ڪريان،بجلي جي لوڊشيڊنگ تي هي ڳالهيون پيا ڪريو ته مان نه مڃيندس،ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ وزيرن ۽ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن وضاحتن کي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هو جيڪو به ڪيو ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ کانسواءِ ڪجهه به برداشت نه ڪندا، مون کي وضاحتن جي ضرورت ناهي، عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍيو وڃي.










