2 ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف اڪيلي جنگ وڙهون پيا: صدر

2 ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف اڪيلي جنگ وڙهون پيا: صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ڪاميابي سان دهشتگرد قوتن تي ضابطو آندو آهي، پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف اڪيلي سر جنگ وڙهي رهيو آهي.صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي متاثرن جي عالمي ڏينهن تي دهشتگردي جي متاثرن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن ۽ عوام کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.هن چيو ته هي ڏينهن انهن خاندانن جي ڏک کي ياد ڏياريندو آهي جن دهشتگرد عناصرن هٿان پنهنجا پيارا گم ڪيا، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي.صدر چيو ته دهشتگردي جي ڪري اسان هزارين شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار وڃائي ويٺا، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو به دهشتگردن هٿان شهيد ٿي وئي، ڪيترائي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ به دهشتگردن جي هٿان شهيد ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو