2 هفتا اڳ گم ٿيل نوجوان جو مير واهه ڪئنال مان لاش هٿ

خيرپور(محمد علي جانوري ) 2 هفتا اڳ خيرپور جي ٽالپور ڪالوني جي رهواسي سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازم بلاول ميمڻ جيڪو ڪراچي ۾ گهر گهمڻ لاءِ آيل هو اهو اوچتو گم ٿي ويو هو. جڏهن ته 10 ڏينهن اڳ اي سيڪيشن ٿاڻي جي پوليس ٺيڙهي ڀرسان ميرواهه ڪئنال جي ڪناري تان مقتول جو موبائل فون، چپل هٿ آئي هئي ۽ اتي رت جو نشان به مليا هئا. جنهن بعد وارثن ۽ پوليس سکر مان نيوي جا ٽوٻا گهرائي لاش جي ڳولا ڪئي پر 10 ڏينهن تائين لاش نه ملي سگهيو هو جنهن بعد سومر ڏينهن صبح جو خيرپور ڀرسان سمنگ پل وٽ ميرواه ڪئنال ۾ ڳوٺاڻن لاش پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ پوليس لاش ڪڍرائي ٻاهر رکيو ته ان جي سڃاڻپ گم ٿي ويل نوجوان بلاول ميمڻ طور ٿي. جنهن بعد پوليس سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. لاش اوچتو سندس گهر۾ پهتو ته امڙ لاش کي ڏسي چنبڙي بيهوش ٿي ويئي. جنهن بعد مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ مرحوم جي والد دائود ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي منهنجي پٽ کي اغوا بعد بيدردي قتل ڪيو ويو آهي اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي خدا کين تباه ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو