2 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف صفائي عملي جو احتجاج

ڪنب (صفدرچانڊيو) ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر ڪنب صفائي عملي جون 2 مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيون، شهري گندگي جو ڍير بڻيل، ڪچن ملازمن جون پگهارون نه ملڻ خلاف خادم حسين، زاهده شيخ، حميدان شيخ، مسمات راڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد الزام هڻندي چيو ته ٽائون ۽ ٽائون آفيسر تاج محمد سوهو ملي ڀڳت ڪري هر مهيني اسان مسڪينن جي پگهارن جا پيئسا کائي وڃن ٿا رڳو ٺلها آسرا ڏنا وڃن ٿا. هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته انسپيڪٽر سيد آصف علي شاه شھر جي صفائي جو ڇڪي ڪم وٺندو آھي جڏھن ته  جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪندا آھيون ته اهو به چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر سان ملي ويندو آھي اڄ اسان آفيس وياسون اسان کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو ويو آھي چيئرمين هتان لڏڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن هر ڀيري چئي ٿو ڪم مون وٽ  ڪريو ۽  پگهارون ڪوٽڏيجي مان وڃي کڻو.  هنن نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر، ايف آءِ اي ڊائريڪٽر سکر ۽ وزير بلديات کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان جا جائز مطالبا مڃيا وڃن پگهارن جي مد ۾ ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي. هوڏانهن چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪنب ساجن علي وساڻ سان رابطو ڪرڻ تي هن پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته 2017 کان ڏھ پرسنٽ واڌو پگهارون بند ڪيون ويون آھن مان پنهنجي گهران ته پگهارون نه ڀريندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو