لکي غلام شاھ (نثار منگي) شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو پڻ ٿيوجنهن جي نتيجي ۾ 2 مهينا اڳ ڳوٺ محمدآباغ مان اغوا ٿي ويل ڊاٽسن ڊرائيور بلاول سومرو کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو جڏهن تہ 4 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تان هرکجي اغوا ٿي ويل خيرپور ضلعي واسي عجب پٽ شهمير دستي کي بازياب ڪرائي ورتو. جڏهن ته پوليس ٻن ڏوهارين ارسلاح ۽ انور جتوئي کي پڻ گرفتار ڪرڻ جي دعواڪئي آهي.

ٻنهي بازياب ٿيلن کي ڪوٽ شاهو ٿاڻي آندو ويو جتان ايس ايس پي شڪارپور آفيس ٻنهي مغوين کي منتقل ڪيو ويو جتان ٻنهي ڄڻن کي وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن بلاول سومرو کي وٺڻ لاءِ سومرا برادريءَ جا سوين ماڻهون ۽ وارث ايس ايس پي آفيس پهتا بلاول جي بازيابيءَ جي خوشيءَ ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ مٺايون ورهايون ويون. بلاول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان ڪوئي ڀنگ ناهي ڀريو پوليس اسان جو ماڻهو بازياب ڪرايو آهي.










