2 مهينا اڳ اغوا ٿيل ناريءَ جو ڏس پتو نه پيو

ميرپور ماٿيلو(ن س) 2 مهينا اڳ ميرپور ماٿيلو ويجهو سنجر پور ۾ شادي شده عورت ناجو لاشاري کي اجمل گرگيج، اڪمل گرگيج ۽ ٻين پاران اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ اغوا ڄاڻايل ناجو لاشاري جي ڀاءَ اسلم لاشاري، چاچو ڌڱاڻو لاشاري ميرپور ماٿيلو ۾ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته گرگيج برادري جي اجمل، اڪمل، شير محمد، غلام نبي گرگيج ۽ ٻين اسان جي نوجوان ناري ناجو لاشاري کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ويتر اسان کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ اسان مٿان ڪوڙيون پٽيشنون ڪري اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن. اسان جي نوجوان ناري اغوا ڪري گهر به خالي ڪري ويا آهن هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته  اجمل گرگيج وارن اسان جي ناري ناجو لاشاري قتل ڪيو آهي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي  نوجوان  ناري ناجو لاشاري کي بازياب ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو