ڀرياروڊ(دانيال شيخ) سنڌ هيلٿ ڪيئرڪميشن جي هدايت تي ڀرياروڊ هيلٿ ڪيئر آفيسر محمد عمرهنگورو پوليس ساڻ ڪري ٻن عطائن ڊاڪٽر شاهد راڄپر۽ ڊاڪٽر اسلم آرائين جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون، جڏهن ته مهراڻ ليباٽري ۽علي ليباٽري کي پڻ سيل ڪيو ويو. ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر۽ ليبارٽرين، ايڪسري مشينن وارا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڀٽائي ليباٽري، حيدري ليباٽري، انس ليباٽري، ڪراچي ليباٽري، المدينه ليباٽري ۽ بسم الله ليباٽري وارا فرار ٿي ويا. محمد عمر هنگورو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو، ڪلنڪ ۽ ليبارٽريون بند ڪري ڀڄي ويندڙن خلاف به ڪاروائي ٿيندي. هن ٻڌايو ته غير قانوني ليبارٽرين ۽ عطائي ڊاڪٽرن سبب ايڊز وائرس ڦهلجي ٿي.
مشهور خبرون










