2 ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش مڇي فارم مان هٿ

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ٻن ڏينھن کان گم ٿيل 30سالا نوجوان محمد شعبان عرف ننهوملڪ جوڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ھڪ مڇي فارم مان لاش ھٿ ڪيوويو آهي. مڇي جي فارم ڀرسان پاڙي وارن لاش لڙھندي ڏسي کين پنهجي مدد پاڻ تحت لاش تلاءُ مان ٻاھرڪڊيو ويو جنھن جي وارثن پاران محمد شعبان عرف ننهوملڪ طور سڃاڻپ ڪندي ٻڌايوته نوجوان ٻن ڏينھن کان گهران لاپتا ھيو۽ پاڻي مان لاش ملڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ موت جوڪارڻ سامهون اچي ويندو. ھوڏانھن پوليس جوچوڻ آھي ته نوجوان جي گمشدگي بابت وارثن پاران ڪنهن به قسم جواطلاع نه ڏنو ويو هو ۽ پوسٽ مارٽم بعد اصل حقيقت سامھون اچي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو