190 ملين پائونڊ ڪيس جو ماسٽر مائينڊ فيض حميد آهي: واوڊا

190 ملين پائونڊ ڪيس جو ماسٽر مائينڊ فيض حميد آهي: واوڊا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل مان سڀني کان وڌيڪ فائدو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کنيو. 190 ملين پائونڊ جي ٽرانزيڪشن وقت مان وفاقي وزير هئس، هن ڪرپشن جو سڀني کان وڌيڪ فائدو فيض حميد کي مليو. اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون کي نيب طرفان طلب ڪيو ويو مان واحد وزير هئس جنهن مخالفت ڪئي هئي، مون چيو هو ته ان سان نيب ڪيس ٿيندو.فيصل واوڊا چيو ته هن ڪيس ۾ زلفي بخاري ۽ شهزاد اڪبر جو نالو اچي رهيو آهي پر هڪ شخصيت کي سڀ وساري ويٺا آهن جنهن هن اسڪينڊل مان سڀني کان وڌيڪ فائدو کنيو اهو آهي اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد. هن چيو ته فيض حميد هن اسڪينڊل مان تمام گهڻو فائدو کنيو. ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جي باقيات سينيٽ ۾ به موجود آهي. چاهي سياستدان هجن يا بيورو ڪريٽ احتساب سڀني جو ٿيندو. ڪرپشن جو پهريون ڏاڪو مون قوم جي سامهون رکي ڇڏيو آهي. فيصل واوڊا چيو ته مون کي ڪي به دستاويز ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. مون بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. اربين روپين جو فائدو هڪدم ناهي پهتو. اهو سڀ ڪجهه پلان ٿيل هو مون اڳ ئي چيو هو ته فيض حميد عمران خان کي مائنس ڪري ان جي جڳهه وٺڻ چاهي ٿو. 9 مئي تي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ وڳوڙ ڪرڻ جو پلان اڳ ئي تيار ٿي رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو