190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: عمران خان 23 مئي تي ٻيهر طلب

190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: عمران خان 23 مئي تي ٻيهر طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي مان 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ٻيهر 23 مئي تي طلب ڪري ورتو.نيب ذريعن موجب عمران خان کي 23 مئي تي صبح 10 وڳي طلب ڪيو ويو هو. کيس 18 مئي تي طلب ڪيو ويو پر پيش نه ٿيو.نيب جي ٽيم عمران خان کي نوٽيس وٺڻ لاءِ پهتي، پر عمران خان جي وڪيل جي غير حاضري سبب 2 رڪني نيب ٽيم نوٽيس وصول ڪرڻ کانسواءِ هلي وئي.زمان پاڪ جي سڪيورٽي ٽيم نيب ٽيم کي جواب ڏيندي چيو ته نيب ٽيم عمران خان جي وڪيل سان رابطو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو