ڪار ساز ڌماڪي کي 19 سال گذري ويا،خراج پيش

ڪار ساز ڌماڪي کي 19 سال گذري ويا،خراج پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي تاريخي وطن واپسيءَ تي ڪراچي ۾ ٿيل ڪار ساز آپگهاتي حملي کي 19 سال مڪمل ٿي ويا. ان موقعي تي پ پ ڪراچي اوڀر ضلعي پاران سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ دعائيه تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي وقار مهدي چيو ته بينظير ڀٽو ڪنهن به ڌمڪيءَ جي پرواهه نه ڪندي وطن واپس آئي هئي.هن چيو ته سانحي ڪار ساز جا شهيد جمهوريت جي تاريخ جو اهم حصو آهن ۽ سندن قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو