ڪي اليڪٽرڪ ٽيرف ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي برقرار

ڪي اليڪٽرڪ ٽيرف ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي برقرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي اوسط بنيادي ٽيرف ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي برقرار رکندي ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي، پر ان فيصلي باوجود ڪراچي جي لڳ ڀڳ 35 لک بجلي صارفين کي بلن ۾ ڪو سڌو فائدو نه ملندو. فيصلي کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو اوسط بنيادي ٽيرف 32.37 رپيا في يونٽ برقرار رهندو، جيڪو 2025ع ۾ منظور ڪيل 39.97 رپيا في يونٽ جي ڀيٽ ۾ 7.60 رپيا گهٽ آهي.نئين ٽيرف ۾ بجلي جي خريداري لاءِ تقريبن 27.83 رپيا في يونٽ، ترسيل جا 2.40 رپيا ۽ ورڇ جا 2.90 رپيا خرچ شامل آهن، جڏهن ته سپلاءِ جي خرچن ۾ تقريبن 0.78 رپيا في يونٽ ڪريڊٽ رقم پڻ شامل ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان ٽيرف ۾ گهٽتائي واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو، جڏهن ته اپيليٽ ٽربيونل ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. هي معاملو 27 مئي 2025ع تي شروع ٿيو هو، جڏهن نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 6.15 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني هئي. ان کانپوءِ مالي سال 2023-24ع لاءِ ڪمپني جو ٽيرف 39.97 رپيا في يونٽ مقرر ٿيو هو. نيپرا جي تازي فيصلي سان اوسط بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي برقرار رهندي، پر ڪراچي جي صارفين جي بجلي جي بلن تي ان جو سڌو مالي فائدو لاڳو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو