پي ٽي آءِ لانگ مارچ، سنڌ ۽ پنجاب کان 18 هزار اهلڪار طلب

پي ٽي آءِ لانگ مارچ، سنڌ ۽ پنجاب کان 18 هزار اهلڪار طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 27 سيپٽمبر تي ممڪن لانگ مارچ جي اڳواٽ تيارين طور اسلام آباد پوليس پنجاب ۽ سنڌ مان 18 هزار پوليس اهلڪار طلب ڪري ورتا. پوليس ذريعن موجب اسلام آباد پوليس پنجاب کان 16 هزار ۽ سنڌ کان 2 هزار اهلڪار گهرايا آهن، جڏهن ته ٻنهي صوبن مان 3 ڊي آءِ جيز، 7 ايس ايس پيز ۽ 18 ايس پيز پڻ طلب ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد پوليس 82 ڪروڙ 70 لک رپين جي اضافي رقم پڻ طلب ڪئي آهي. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ اٽڪ جي اهم هنڌن تي 2 هزار کان وڌيڪ ڪنٽينر پهچايا ويا آهن، جڏهن ته احتجاج کي نظر ۾ رکندي اٽڪ ۾ لڳ ڀڳ 30 هزار اهلڪارن جي مقرري جو امڪان آهي. پوليس ذريعن موجب احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ بدران وڏي انگ ۾ گرفتارين تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو