ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آزاد، خود مختيار ۽ باوقار پاڪستان لاءِ پارليامينٽ جا بالادستي ضروري آهي.آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آزاد رياست جو بنياد رکيو هو، جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد پاڪستان کي 1973 جو آئين ڏنو.هن چيو ته قائد عوام 1973 جو آئين ڏئي پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻايو، پاڪستان جو آئين اڄ به وفاق جي سڀني ايڪن وچ ۾ اعتماد ۽ ٻڌي جو مقدس دستاويز آهي.سندس چوڻ هو ته آمرن طاقت جي ڏَڍ تي آئين کي چِٿيو پر ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، بااختيار پارليامينٽ ئي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي.آصف علي زرداري چيو ته 18هين آئيني ترميم مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهي، ميثاق جمهوريت تي مڪمل عمل ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ پائيدار فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ملڪ جون سڀئي جمهوريت پسند سياسي پارٽيون پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ لاءِ متحد ٿين.










