18هين آئيني ترميم جي لتاڙ، 5 خاص معاونن بدران 11 مقرر

ڪراچي(پ ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 18 هين ترميم جي ابتڙ صوبائي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي 5 وڌيڪ خصوصي معاون مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل پريس رليز۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن ۾ سينيٽر ڪرشنا ڪولهي جو ڀاءُ ويرجي ڪولهي، نوشهروفيروز ۾ آصف علي زرداري جون زمينون سنڀاليندڙ مولابخش مبيجو، لنواري واري پيرجو ڀاءُ پير نورالله قريشي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عبدالله شاهه جو پٽ رياض حسين شاهه ۽ لياري سان واسطو رکندڙ نسيما غلام حسين شامل آهن. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي وزير اعليٰ کانسواءِ 16 وزير، ٽي مشير۽ ڇهه خاص معاون بنا کاتن جي ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي پنج نوان معاون خصوصي شامل ڪرڻ بعد ڪابينا جو انگ 30 ٿي ويو آهي. اڳ ۾ بنا کاتي مقرر ڪيل ڇهه خاص مددگارن ۾ اشفاق ميمڻ، وقار مهدي، راشد رباني، کٽو مل، قاسم نويد ۽ نواب وساڻ شامل آهن. واضح رهي ته 18 هين ترميم تحت وڏي وزير کي رڳو 5 خاص معاون رکڻا آهن، پر وڏي وزير 18 هين ترميم جي ابتڙ11خاص معاون مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو