پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي دير ڪالوني ۾ ٽن ماڙ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 34 ٻارن ۽ هڪ عورت ٽيچر سميت 35 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ ٻار ۽ ٻيا ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب، حادثو پشاور جي دير ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي اسڪول جي ڇت اوچتو ڪرڻ سبب ڪيترائي ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا. ريسڪيو ٽيمن پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ۽ ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي انتظاميا موجب، اسپتال ۾ 33 لاش آندا ويا، جڏهن ته نصيرالله بابر ميموريل اسپتال ۾ پڻ ٻن ڄڻن جا لاش منتقل ڪيا ويا. فوت ٿيل ٻارن جي عمر 7 کان 13 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي.پشاور جي سي سي پي او ميان سعيد موجب، واقعي ۾ زخمين جو انگ 40 کان وڌي ويو آهي. پوليس ڪارروائي ڪندي خانگي اسڪول جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته اسڪول جي پرنسپال کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي.
اسڪول جي رجسٽريشن ۽ عمارت بابت جاچ شروع
پوليس اختيارين موجب، اسڪول جي قيام، عمارت جي حالت ۽ واقعي جي سببن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا موجب، اسڪول جي عمارت ٽن ماڙ هئي. واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ڇت ڪرڻ جا سبب معلوم ڪري ذميوارن جو تعين ڪندي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت جو ملبو هٽايو ويو آهي ۽ ملبي هيٺان دٻيل سمورن ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي.
عمارت جي فني چڪاس نه ٿيڻ جو انڪشاف
سرڪاري ذريعن موجب، حادثي جو شڪار ٿيل خانگي اسڪول جي عمارت جي فني چڪاس نه ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اسڪول کي مارچ 2026ع ۾ پرائيويٽ اسڪولز ريگيوليٽري اٿارٽي (پي ايس آر اي) وٽ رجسٽرڊ ڪيو ويو هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمارت جي خراب حالت باوجود اسڪول کي رجسٽريشن ڏني وئي.خيبرپختونخوا پرائيويٽ اسڪولز ريگيوليٽري اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جاويد اقبال موجب، اٿارٽي وٽ عمارتن جي فني معائني لاءِ ڪا ٽيم موجود ناهي. هن چيو ته ڪلاس رومن ۽ ٻين انتظامي معيارن تي پورو لهڻ جي بنياد تي اسڪول کي رجسٽرڊ ڪيو ويو هو.سندس چوڻ هو ته اٿارٽي کي خراب عمارتن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو اختيار ته حاصل آهي، پر اسڪول بند ڪرڻ جو اختيار ناهي.
گورنر پاران افسوس، زخمين کي بهتر علاج ڏيڻ جي هدايت
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اسڪول جي ڇت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا اسڪول جي ڇت ڪرڻ جا ڪارڻ معلوم ڪندي.تعليم کاتي جي سيڪريٽري عنايت الله وسيم پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي پاڪستان اسڪول ريگيوليٽري اٿارٽي (پي ايس آر اي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
وزيراعظم جو ڏک ۽ افسوس جو اظهار
وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آهي.وزيراعظم انتظاميا کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران رپورٽ طلب
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن زخمي ٻارڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻئي پاسي خيبرپختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار ثمر هارون بلور چيو آهي ته پشاور جي دير ڪالوني ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ وارو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.هن انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته زخمي ٻارڙن کي بروقت ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.ريسڪيو اختيارين موجب اسڪول جي ملبي هيٺ دٻيل وڌيڪ ٻارڙن ۽ عملي جي ماڻهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.










