اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 16 نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪا تبديلي ٿيندي يا نه؟ حڪومت اعلان ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته 16 نومبر کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪا واڌ نه ڪئي ويندي.پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جا موجوده اگهه ئي برقرار رهندا.پيٽرول جي قيمت 224 رپيا 80 پئسا، ڊيزل جي قيمت 235 رپيا 30 پئسا في ليٽر برقرار رهندي.ان کانسواءِ گاسليٽ جي قيمت 191 رپيا 83 پئسا، لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت 186 رپيا 50 پئسا في ليٽر تي برقرار هوندي.










