ڪينبرا(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي 151 رنز جي ٽارگٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ جاري آهي، سندس 3 رانديگر آئوٽ ٿي ويا آهن. ايرون فنچ 17 رنز ٺاهي عرفان جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿي ويو، وارنر کي عامر 20 رنز تي بولڊ ڪري ڇڏيو ۽ بين ميڪدر موٽ کي عماد وسيم 21 رنز تي ايل بي ڊبليو ڪيو، اسٽيوو سمٿ 80 ناٽ آئوٽ ٺاهي ميچ کتي ورتي ۽ پاڪستان کي ٻئي ٽي ٽوئنٽي ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پهرين ٽي ٽوئنٽ ميچ ۾ پاڪستان جي يقيني شڪست کان بارش بچائي ورتو هو ۽ اها ميچ برابر ٿي وئي هئي. پاڪستان ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنز ٺاهيون. ڪپتان بابر اعظم38 بالن تي 50 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، وارنر کيس رن آئوٽ ڪيو.

فخر الزمان 2، حارث سهيل 6، محمد رضوان 14، آصف علي 4، ڇهين نمبر تي بيٽنگ لاءِ ايندڙ افتخار احمد 34 بالن تي 62 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. هن شاندار بيٽنگ ڪندي 5 چوڪا ۽ ٽي ڇڪا هنيا. عماد وسيم 11، وهاب رياض هڪ به رن نه ٺاهي سگهيو. ڪين رچرڊسن جي ڌلائي ڪئي وئي هن 4 اوورز ۾ 51 رنز ڏئي گڪ وڪيٽ ورتي. مشل 4 اوورز ۾ 25 رنز ڪا وڪٽ نه مليس، ايڊم زيمپا 4 اوورز ۾ 31 رنز ڪا وڪٽ نه مليس، ايشٽن اگر 23 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. رضوان اسٽمپ آئوٽ ٿي ويو هو.










