اسلام آباد، پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نوان ڄاول ٻار فوت

اسلام آباد، پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نوان ڄاول ٻار فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي گائنيڪالوجيڪل وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نوان ڄاول ٻار فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6:45 تي ايئر ڪنڊيشننگ ڪمپريسر جي ڌماڪي سبب باهه لڳي، جنهن کي وسايو ويو ۽ ٿڌي ڪرڻ جو عمل جاري آهي. اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 15 ٻار موجود هئا، ليڊي ڊاڪٽر صرف هڪ ٻار کي بچائي سگهي، جڏهن ته 14 فوت ٿي ويا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته باهه پمز اسپتال جي ايم سي ايڇ وارڊ جي ٽئين منزل تي لڳي. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. 6 فائر برگيڊ گاڏيون ۽ 4 ايمبولينسون بچاءُ جي ڪمن ۾ حصو ورتو. حادثي ۾ 14 ٻار مڪمل طور تي سڙي ويا.

ڇا سيڪريتڙي کي رڳو عهدي تان هٽائڻ ڪافي آهي؟

وزيراعظم شهباز شريف صحت جي وفاقي سيڪريٽري اسلم غوري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ اڳوڻي صحت واري سيڪريٽري شاهد خان جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊاڪٽر بيريسٽر نويل اعوان به شامل هوندو. وزيراعظم هنگامي اجلاس به طلب ڪيو آهي. ان کان اڳ انتظاميا جاچ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ 8 رڪني ڪميٽي ٺاهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ ۾ 14 نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته باهه لڳڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ اختيارين کي فوري طور تي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻارن سان اهڙي صورتحال ناقابل تلافي آهي، واقعي جي سببن جي تفصيلي جاچ ڪئي وڃي، ذميوار ڌر کي طئي ڪيو وڃي ۽ سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي.هن چيو ته هن افسوسناڪ واقعي تي سندس دل ڏکويل آهي، ۽ والدين هن غم ۾ برابر جا شريڪ آهن.وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيان ۾ چيو ته 14 ٻارن جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي، ڊي جي هيلٿ ۽ سيڪريٽري اسپتال ۾ آهن، لاڳاپيل اختيارين والدين سان رابطي ۾ آهن، مان به ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهيو آهيان.هن چيو ته جيڪڏهن هي واقعو ڪنهن جي لاپرواهي سبب ٿيو آهي ته ان جي جاچ ڪئي ويندي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن مان به ان ۾ قصوروار آهيان ته مون کي به نه بخشيو ويندو.پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پمز اسپتال جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، باهه گئس لائينن ۽ پلاسٽڪ جي سامان سبب پکڙجي وئي، ٻارن جي اڪثر موت دم گھڙڻ سبب ٿي، ۽ باهه آڪسيجن جي فراهمي سبب به پکڙجي وئي.طارق فضل چوڌري چيو ته واقعي وقت ڊاڪٽر، نرسون ۽ عملو موجود هئا، واقعي ۾ سڀ محفوظ رهيا، جيڪڏهن واقعي ۾ ڪنهن جي لاپرواهي ٿي ته ان کي سامهون آندو ويندو

سياسي اڳواڻن جو رد عمل عدالتي جاچ جو مطالبو

شيري رحمان، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين واقعي کي وڏو صدمو قرار ڏيندي3 چيو ته هي انتظاميا جي مجرماڻي غفلٽ آهي، رڳو سيڪريٽري جي عهدي تي هٽائڻ ڪافي ناهي.  عدالتي جاچ ڪئي وڃي ته ايڏي وڏي غفلت جا ذميوار ڪير آهن. ڇا ميرٽ پمز جو سربراهه مقرر ٿيو آهي، ايس او پيز جي خلاف ورزي ڇو ٿي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اسپتال جي فائر پوائنٽ تي پاڻي ئي نه هو. اسپتال جو فائر ڊپارٽمينٽ مڪمل ناڪارا آهي.

سڙي فوت ٿيلن ٻارن جا والدين ڇا ٿا ٻڌائين؟

والدين الزام لڳايو آهي ته باهه لڳڻ وقت عملو انڪيوبيشن سينٽر ۾ نه هو، اسان کي صرف اهو ٻڌايو ويو ته ٻار مري ويا آهن، اهو سڀ ڪجهه جھاڻي واڻي ڪيو ويو، اسان جا ٻار غائب ڪيا ويا، اسان مان ڪنهن به ٻار جا ڪپڙا به نه ڏٺا، اسان کي پڪ ڪرڻ گهرجي ته اسان جا ٻار سڙي فوت ٿيا آهن. متاثرن چيو ته هڪ ڪلاڪ تائين ڪو به ڊاڪٽر يا عملو نه آيو، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جڏهن باهه لڳي ته ڪنهن ٻئي وارڊ ۾ ڪنهن کي خبر ئي نه هجي. پمز سانحي ۾ فوت ٿيل هڪ ٻار جي پيءُ جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ کان ڏيڍ ڪلاڪ بعد فائر برگيڊ ۽ ايمبولينس پهتي، والدين پنهنجي مدد سان ٻارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.والدين ٻارن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. والدين جو الزام آهي ته نرسري ۾ نه ته گائنيڪولوجسٽ ۽ نه ئي ڪو ٻيو عملو موجود هو، جڏهن ته اين آءِ سي يو جو دروازو به بند هو. واقعي کان ٻه ڪلاڪ پوءِ ريسڪيو وارا پهتا ۽ پوليس چار ڪلاڪ دير سان پهتي.

پهنجو تبصرو موڪليو