ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ هلندڙ 15 اڏامن کي 13 ڪلاڪن تائين دير جو منهن ڏسڻو پيو آهي.اڏامن جي شيڊول موجب، ڪراچي ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ اٺ اڏامن کي هڪ کان ست ڪلاڪن جي دير ٿي، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ ست اڏامن کي ٽن کان 13 ڪلاڪن تائين دير ٿي.ڪراچي کان لاهور ويندڙ هڪ خانگي ايئر لائن جي اڏام کي 13 ڪلاڪن جي دير ٿي؛ اڏام PK-302، جيڪا اصل ۾ صبح جو 8:00 وڳي رواني ٿيڻي هئي، اها هاڻي رات جو 9:00 وڳي رواني ٿيڻ جو امڪان آهي.ملتان کان مديني، رياض، دمام ۽ شارجا ويندڙ اڏامن کي ڇهن ڪلاڪن جي دير ٿي، جڏهن ته ڪراچي کان رياض ويندڙ ٻن اڏامن کي ٻن ۽ پنجن ڪلاڪن جي دير ٿي.ان کان علاوه، اسلام آباد ۽ شارجا جي وچ ۾ هلندڙ اڏام 9P-740 کي اٺن ڪلاڪن جي دير ٿي، ۽ لاهور توڙي اسلام آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ چئن اڏامن کي ٽن ڪلاڪن تائين دير ٿي.










