ٻن هفتن جو پيٽرول باقي، حڪومتي مداخلت جو مطالبو

ٻن هفتن جو پيٽرول باقي، حڪومتي مداخلت جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تيل ڪمپنين پيٽرول جي ممڪنه کوٽ بابت خبردار ڪندي حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪري ورتو آهي. تيل ڪمپنين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جي ضرورت جيترا پيٽرول جا ذخيرا باقي بچيا آهن. تيل ڪمپنين حڪومت کي مقامي سطح تي پيٽرول جي ممڪنه کوٽ جي فوري خطري کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته پيٽرول (موٽر اسپرٽ/ايم ايس) جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي. 15 جولاءِ تي توانائي واري وزير (پيٽروليم ڊويزن) علي پرويز ملڪ ڏانهن لکيل هڪ “انتشار فوري” (ايڪسٽريملي ارجنٽ) خط ۾ آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل (او سي اي سي) چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي فراهمي جي صورتحال غير معمولي حد تائين سنگين ٿي چڪي آهي. ايڊوائزري ڪائونسل موجب، هن وقت صرف اٽڪل 3 لک 70 هزار ميٽرڪ ٽن موٽر اسپرٽ جو ذخيرو موجود آهي، جيڪو ملڪ جي لڳ ڀڳ 15 ڏينهن جي ضرورت جي برابر آهي. ڪمپنين جو چوڻ آهي ته ويبوڪ (WeBOC) سسٽم ۾ دير سبب گهرايل پيٽرول جي ڪليئرنس متاثر ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ٽي امپورٽڊ ڪارگو وقت تي نه پهتا ته سپلائي کي وڏو ڌچڪو لڳي سگهي ٿو. ان کان علاوه 66.7 ارب رپين جي عدم ادائيگي سبب آئل ڪمپنيون مالي بحران کي منهن ڏئي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو