اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ موسم 15 جون تائين سخت گرم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ گرمي پد ۾ ٻيهر اضافو ٿيندو.موسميات کاتي موجب اڄ ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 15 جون تائين سڄي ملڪ ۾ موسم گرم رهندي.لاهور ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو، جڏهن ته اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته ڪراچي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد محسوس ڪيو ويندو.بهاولپور، ڊي جي خان، ملتان، فيصل آباد، سرگوڌا، نوابشاهه، سکر ۽ حيدرآباد کان علاوه سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ يا ان کان وڌيڪ رهندو.ان دوران هوائن يا برسات جي صورت ۾ به گرمي پد ۾ گهڻو فرق نه پوندو، جڏهن ته گذريل هڪ هفتي کان گرميءَ جي لپيٽ ۾ آيل سنڌ جي ضلعن جو گرمي پد 2 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويو آهي، پر گرمي برقرار آهي. ٻئي طرف گلگت بلتستان، اتر بلوچستان ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ اڄ برسات جو امڪان آهي.ان کان علاوه موسميات کاتي موجب جون جي ٻئي هفتي کان پري مون سون جي سيزن شروع ٿي ويندي، جنهن سبب مٿانهين ۽ اترين علائقن ۾ برساتن جو سلسلو به گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻيندو.










