14 سيڪورٽي اهلڪارن جي قتل تي پاڪستان جو ايران سان سخت احتجاج

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پاڪستان حڪومت اورماڙا لڳ بسن مان لاهي 14 سيڪورٽي اهلڪارن کي قتل ڪرڻ بابت ايراني حڪومت سان سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته بلوچ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪيو. وزارت خارجه جي ذريعن سنڌيار کي ٻڌايو ته جمع ڏينهن اسلام آباد ۾ واقع ايراني سفارتخاني کي خط لکي پاڪستان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته واقعي جي ذميواري قبوليندڙ ٽن بلوچ دهشتگرد تنظيمن جي اتحاد “براس” جو هيڊ ڪوارٽر ۽ تربيتي ڪيمپون ايران ۾ آهن. هي خط وزيراعظم عمران خان جي ايران جي پهرين سرڪاري دوري کان هڪ ڏينهن اڳ لکيو ويو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي تعلقات ۽ دوري جي نتيجن تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا. پاڪستان حڪومت خط ۾ چيو آهي ته وقت بوقت ايران کي پاڪستان آگاه ڪندو رهيو آهي پر هيستائين ايراني حڪومت بدقسمتي سان ڪو قدم قدم ناهي کنيو. ايراني سفاتخاني کي چيو ويو آهي ته هو ايراني حڪومت جي واسطيدار اختيارن کي هدايت ڪن ته دهشتگردي جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪن. ياد رهي وزيراعظم عمران خان ٻن جي ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آچر تي ايران وڃي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو