آن لائن نيٽ ورڪ ۾ ڦاٿل 13 ورهين جي نينگري بازياب

آن لائن نيٽ ورڪ ۾ ڦاٿل 13 ورهين جي نينگري بازياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ هڪ بين الاقوامي ڳجهي اداري جي اطلاع تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪارروائي ڪندي مبينا طور آن لائن نيٽ ورڪ جي ور چڙهيل 13 ورهين جي نينگريءَ کي بازياب ڪرائي ورتو.اين سي سي آءِ اي موجب نينگريءَ کي مبينا طور ڊارڪ ويب سان لاڳاپيل هڪ گروهه طرفان مختلف ٽاسڪ ڏنا پئي ويا.اداري جي دعويٰ موجب پهرين ٽاسڪ ۾ نينگريءَ کان ٻليءَ کي زهر ڏئي مارايو ويو، جڏهن ته ٻئي ٽاسڪ ۾ کيس پاڻ کي سخت نقصان پهچائڻ جو حڪم ڏنو ويو. اختيارين موجب ٻيو ٽاسڪ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي اين سي سي آءِ اي جي ٽيم نينگريءَ تائين پهچي وئي ۽ کيس محفوظ بڻايو ويو. جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته نينگريءَ جا والدين سندس آن لائن سرگرمين کان مڪمل طور بي خبر هئا. اين سي سي آءِ اي موجب نينگريءَ سان رابطو ڪندڙ اڪائونٽن جي سڃاڻپ ۽ پاڪستان جي ٻين ٻارن کي پڻ نشانو بڻائڻ جي امڪان بابت جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو