لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي صدر ۾ 13 ورهين جي گهريلو ملازمه تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي.لاهور پوليس موجب 13 ورهين جي مريم کي تشدد ڪري ساڙيو ويو، جنهن سبب نينگري سخت سڙي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته سندس والدين ڇوڪريءَ سان ملڻ ويا، پر مالڪن انڪار ڪيو، سندس ماءُ سڪينه بي بي ڇوڪريءَ سان نه ملڻ تي شور مچايو.پوليس جو چوڻ آهي ته والدين جڏهن مالڪن جي گهر اندر ويا ته ڇوڪري کي تشدد جي بدترين حالت ۾ مليو، ڇوڪري 9 مهينن کان ملازم هئي.پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار مڙس ۽ زال فرار ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.










