ملير (ڊر): ملير ڀرسان سپر هاءِ وي تي واقع سن رائز واٽر پارڪ جي سوئمنگ پول ۾ وهنجندي 12 ورهين جي اسڪول جي شاگردياڻي ٻڏي فوت ٿي وئي. ذريعن موجب نينگري پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ واٽر پارڪ آئي هئي، جتي سوئمنگ پول ۾ وهنجندي اوچتو ٻڏي وئي.واقعي کانپوءِ واٽر پارڪ ۾ موجود ماڻهن ۽ انتظاميا نينگري کي پاڻي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. اطلاع ملڻ تي چِھپا ايمبولينس پڻ واقعي واري هنڌ پهتي ۽ نينگري کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي.فوت ٿيل نينگري جي سڃاڻپ هنيزا شاهه، ڌيءَ فياض شاهه، عمر 12 سال طور ٿي آهي. واقعي کانپوءِ نينگري جي گهرڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.واقعي جي اطلاع لاڳاپيل پوليس کي پڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس ان ڳالهه جي پڻ جاچ ڪري رهي آهي ته واٽر پارڪ جي سوئمنگ پول ۾ حفاظتي انتظام موجود هئا يا نه ۽ لائف گارڊز مقرر ٿيل هئا يا نه.










