بارڙو بيـٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو

بارڙو بيـٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سِوڪ سينٽر جي ويجهو هڪ پلاٽ تي موجود پاڻي جي تلاءُ ۾ 12 سالن جو ٻار ٻڏي فوت ٿي ويو.ريسڪيو عملدارن موجب، ٽوٻن ٻار جي لاش کي ٻاهر ڪڍي ورتو آهي؛ ان وڏي پلاٽ ۾ موجود پاڻي جي اونهائي 30 فوٽن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته ٽي دوست اتي پاڻي ۾ وهنجڻ لاءِ آيا هئا ٻه ڄڻا ته ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر ٽيون ٻڏي ويو، ڊنل دوستن ان وقت ڪنهن کي به اطلاع نه ڏنو، پر بعد ۾ پنهنجي گهر وارن کي ان بابت ٻڌايو.ريسڪيو اختيارين فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ ايليه (پٽ اينٿوني) طور ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو