اين سي سي آءِ اي ڪريڪ ڊائون،مهيني ۾ 1129 جوابدار گرفتار

اين سي سي آءِ اي ڪريڪ ڊائون،مهيني ۾ 1129 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سڄي ملڪ ۾ سائبر ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروايون ڪندي هڪ مهيني دوران 1129 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مختلف آپريشنن دوران 10 ڪروڙ 53 لک رپيا هٿ ڪري متاثرن کي واپس ڪيا ويا.اين سي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد علي ناصر رضوي جي عهدي سنڀالڻ کانپوءِ جاري ڪيل هڪ مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ موجب، ايجنسي کي گذريل مهيني دوران 5176 شڪايتون مليون، جن جي بنياد تي 4491 انڪوائريون داخل ڪيون ويون انڪوائرين جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سائبر ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف 272 ڪيس داخل ڪيا ويا.ان موقعي تي اين سي سي آءِ اي جي ڊي جي سيد علي ناصر رضوي چيو ته شهرين جو ڊجيٽل تحفظ ايجنسي جي پهرين ترجيح آهي ۽ سائبر ڏوهن خلاف زيرو ٽالرنس واري پاليسي تي سختيءَ سان عمل جاري رکيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل دنيا قومي زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي چڪي آهي، تنهنڪري شهرين، ادارن ۽ ڊجيٽل ڍانچي جو تحفظ رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري نه، پر هڪ اهم قومي ضرورت پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو