واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ”آپريشن ردالفساد-3“ تحت بلوچستان جي پنجگور ۽ چاغي ضلعن ۾ ڪارروائين دوران 11 دهشتگردن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پنجگور جي علائقي ”گوآرگو“ (Gwargo) ۾ ڪيل هڪ آپريشن دوران پنج دهشتگرد مارجي ويا ۽ انهن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو.ان کان علاوه، سيڪيورٽي فورسز چاغي جي علائقن ”امين آباد“ ۽ ”سياهه چانگ“ (Siyah Chang) ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتا آپريشن ڪيا، جن ۾ ڇهه دهشتگرد هلاڪ ٿيا ۽ انهن وٽان هٿيارن ۽ گولا بارود جو وڏو ذخيرو هٿ آيو.سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهن ۽ اهي ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين آخري دهشتگرد جو خاتمو نه ٿي وڃي.ان دوران، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ 11 دهشتگردن جي هلاڪت تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.گهرو وزير انهن بهادر جوانن تي فخر جو اظهار ڪيو جن دهشتگردن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو، ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا اهي قدم قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ پختي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ۽ ”فتنه الهندستان“ توڙي ”فتنه الخوارج“ خلاف آپريشن مڪمل طاقت سان جاري رهندا.










