ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي ڇهن مختلف علائقن ۾ رات دير سان پوليس ۽ شاهين فورس جي مبينا مقابلن دوران پنج زخمين سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اقبال مارڪيٽ پوليس ۽ شاهين فورس گڏيل ڪارروائي ڪندي هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف منگھو پير پوليس اجتماع گاهه ڀرسان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي اونداهيءَ جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.زمان ٽائون پوليس ڀٽائي ڪالونيءَ ۾ مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو. نيو ڪراچي پوليس سيڪٽر 11 ايل ڀرسان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ٽن جوابدارن کي بنا زخمي ٿيڻ جي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.سر سيد پوليس نارٿ ڪراچيءَ ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته شاهراهه نورجهان پوليس بلاڪ ٽي جي ٽنڪي گرائونڊ ڀرسان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدار جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، شهرين کان ڦريل سامان ۽ موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.










