سکر (جئيرام بختيارپوري ) ايس ايس پي سکر احمد چوڌري (PSP, QPM) جي هدايتن تي سکر پوليس پاران سماجي برائين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪڊائون جاري آهي. هن سلسلي ۾ پوليس مختلف ڪارروائين دوران 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات (چرس)، غيرقانوني گٽڪو، شراب جون بوتلون، جوا جو سامان ۽ روڪ رقم برآمد ڪري ورتي آهي.
1. ٿاڻي سائيٽ ايريا جي ڪارروائي
ڊي ايس پي سائيٽ ايريا عبدالقادر سومرو جي سربراهيءَ ۾ ايس ايڇ او سائيٽ ايريا مخفي اطلاع تي هڪ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 06 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
برآمدگي: آڪڙا پرچي باڪس، جوا جون ٻيون شيون، موبائل فونز ۽ روڪ رقم.
گرفتار جوابدار: محمد نواز قريشي، محمد حسن شيخ، امداد علي بروھي، نواز بروھي، اعجاز بروھي ۽ شعيب شيخ.
مقدمو: ايف آءِ آر نمبر 231/2026 (تحت دفعا 294.A، 294.B، 353، 324، 325، 506/2 پي پي سي ۽ 5G ايڪٽ).
2. ٿاڻي سي سيڪشن جون ڪارروائيون
ايس ايڇ او سي سيڪشن مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي منشيات ۽ شراب سميت 02 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.
جوابدار ۽ برآمدگي:
نثار احمد لغاري: پڪڙيو ويو جنهن کان 1020 گرام چرس هٿ آئي (ايف آءِ آر نمبر 363/2026، تحت دفعو 9 (1)3C SNCS ايڪٽ).
ڏاڍو دگهائي گڍاڻي: پڪڙيو ويو جنهن کان 3 شراب جون بوتلون هٿ آيون (ايف آءِ آر نمبر 361/2026، تحت دفعو 3/4 PEHO).
3. ٿاڻي بي سيڪشن جون ڪارروائيون
ايس ايڇ او بي سيڪشن اسنيپ چيڪنگ دوران ڪارروائي ڪندي منشيات ۽ گٽڪي سميت 02 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.
جوابدار ۽ برآمدگي:
جنسار علي: پڪڙيو ويو جنهن کان 1015 گرام چرس هٿ آئي (ايف آءِ آر نمبر 197/2026، تحت دفعو 9 (1)3C SNCS ايڪٽ).
صبحانو ابڙو: پڪڙيو ويو جنهن کان 600 عدد گٽڪو/ڇاليا هٿ آيا (ايف آءِ آر نمبر 196/2026، تحت دفعو 8 SMMG PM ايڪٽ).
پوليس سڀني گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي مقدما داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.










