لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته 10 نه 100 پرچا به داخل ڪرايو ته فرق نه پوندو.لاهور جي ضلعي ڪچهري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ وارن لاءِ پيغام آهي ته حوصلي سان وڙهو، توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.پرويز الاهي چيو ته توهان حق ۽ سچ، مذهب ۽ پاڪستان جي جنگ ۾ بيٺا آهيو، مضبوط رهو ۽ وڙهندا رهو.هن چيو ته منهنجي خلاف جيترا ڪاغذ کاٽڻ چاهيو ۽ پاڻ کي خوش ڪيو، ڪوڙ ۾ ڪا برڪت ناهي، انهن جا وات ڪارا ٿيندا.










