ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هڪ سرڪاري دستاويز ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پاڪستان جي 40 ضلعن ۾ 5 کان 15 سالن جي 1 ڪروڙ 70 لک ٻارڙن ۾ مٽي ذريعي منتقل ٿيندڙ هيلمنٿ انفيڪشنز (ايس ٽي ايڇ) جو خطرو آهي. خيال رهي ته هيلمنٿ انفيڪشنز ڪيڙن کان ٿيندي آهي جيڪي مٽي ذريعي جسم ۾ داخل ٿين ٿا. رپورٽ مطابق صحت انتظاميه سڄي ملڪ اندر اسڪولي سطح تي ڊي ورمنگ ڪيڙن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. وزارت قومي صحت طرفان عالمي صحت جي اداري ڊبليو ايڇ او سان گڏيل پهريون ايس ٽي ايڇ سروي ڪيو ويو آهي جنهن بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 1 ڪروڙ 70 لک ٻارڙن مان صرف ڪراچي ۾ 46 لک ٻارن کي سالانه علاج جي ضرورت آهي اهڙا علائقا جتي صفائي سٿرائي ناهي هوندي اُتي ڪيڙن جا بيضا مٽي کي آلوده ڪندا آهن ايس ٽِ ايڇ انفيڪشن سان پيٽ درد، ڊائريا، خون ۽ پروٽين جي گهٽجڻ، ريڪٽل پروليس ، جسماني ۽ دماغي نشو نما ۾ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته تعليم کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽي ٽيوشن ڪراچي ۾ ڊي ورمنگ پروگرام جو آغاز ڪيو آهي. ان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ نجي اسڪولن کي 10 جنوري کان اڳ تدريسي عمل ۽ شاگردن جي تعداد جو تفصيل فراهم ڪرڻ جو چيو آهي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شهر ۾ هڪ جامع مهم جو آغاز ڪري سگهجي ٿو. اسڪولن تي مبني پروگرامن کان علاوهه صحت جي ماهرن والدين لاءِ آگاهي مهم جي آغاز جي به تجويز ڏني آهي. ان حوالي سان ڪراچي ۾ رهندڙ گيسٽرو انٽرولاجسٽ ڊاڪٽر شاهد احمد چيو ته ڊي ورمنگ پروگرام هڪ سٺو قدم آهي ليڪن وڏي عرصي ۽ پائيدار حل لاءِ والدين کي ان کان بچاءَ ۽ علاج کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ايس ٽي ايڇ انفيڪشنز اينيميا رت جي ڪمي سبب ٺهندا آهن ڊاڪٽر شاهد احمد چيو ته ڪجهه سال اڳ آغا خان يونيورسٽي جي تحقيق کان پوءِ عورتن ۾ اينيميا جي نشاندهي ڪئي وئي ان تحقيق ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ 15 کان 44 سال جي شادي شاهه عورتن ۾ اينيميا جي موجودگي شهري علائقن ۾ 26 فيصد ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 47 فيصد آهي. هن چيو ته شهري علائقن ۾ رهندڙ حاملا عورتن ۾ اينيميا جي شرح به اهڙي طرح 29 فيصد کان 50 فيصد وچ ۾ آهي. ڊاڪٽر شاهد احمد چيو ته بدقسمتي سان اسان ان چئلنج کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪو به ڊگهي عرصي وارو منصوبو ناهيون جوڙي سگهيا.










