هڪ عورت جا 2 مڙس دعويدار، ٻئي عدالت پهچي ويا

هڪ عورت جا 2 مڙس دعويدار، ٻئي عدالت پهچي ويا

دادو (ادل مهيسر ) ڦورٿ ايڊيشنل سيشن جج قاضي محمد نعيم صديقي جي عدالت ۾ ڳوٺ جمعو چھواڻ جي رھواسي امير سولنگي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾  سيال موري جي شازيه سولنگي پنھنجي ڀيڻ فوزيه ۽ پنھنجي ماءُ سان گڏ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو ته منهنجو مڙس ماروي ڪالوني جو رھواسي گلزار سولنگي آهي جنهن مان مون کي ٽيون مھينو پيٽ آھي جڏهن ته امير سولنگي جيڪو منهنجو پڦاٽ آھي اھو مون سميت منهنجي گهر وارن کي ھٿيارن جي زور تي ڌمڪائي رهيو آهي ۽ اسان تي ڪوڙي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي جنهن تي ڪورٽ سڳوري سومر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي سندس کي سيف ھائوس منتقل ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته شازيه ۽ سندس ڀيڻ جي اغوا جو واقعو پيش آيو هو جنهن جو الزام امير سولنگي ۽ ٻين تي هنيو ويو هو جيڪو ڪيس پڻ عدالت ۾ هلندڙ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو