اسلام آباد(بيورو)پهرين جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي، بجلي جي في يونٽ بنيادي قيمت ۾ واڌ ڪئي ويندي.پاور ڊويزن جي ذريعن موجب پهرين جولاءِ کان بجلي 3 رپيا 50 پئسا في يونٽ ٿي ويندي، پهرين جولاءِ کان بجلي جي في يونٽ جي قيمت 16 رپيا 91 پئسا مان وڌي 20 رپيا 41 پئسا ٿي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين آگسٽ کان بجلي 3 رپيا 5 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي ويندي، پهرين آگسٽ کان بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 23 رپيا 91 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.ذريعن موجب پهرين آڪٽوبر 2022ع کان بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ وڌيڪ 91 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي ۽ پهرين آڪٽوبر کان بجلي جي قيمت ۾ 24 رپيا 82 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته واڌو 200 يونٽ يا ان کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.










