اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. گذريل هڪ هفتي دوران مهانگائيءَ جي شرح ۾ وڌيڪ 0.65 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سالياني مهانگائيءَ جي شرح وڌي 11.85 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اداري شماريات هفتيوار مهانگائي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هڪ هفتي دوران 19 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، 12 شين جون قيمتون گهٽيون، جڏهن ته 20 شين جون قيمتون برقرار رهيون. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ايل پي جي جي قيمت ۾ 22.44 سيڪڙو جو وڏو اضافو ٿيو، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت 12.20 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو. ان کان علاوه بصرن جي قيمت ۾ 4.19 سيڪڙو، شرٽنگ ڪپڙي ۾ 1.86 سيڪڙو ۽ سادي ڊبل روٽيءَ ۾ 1.66 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اٽي جي قيمت ۾ پڻ هفتيوار بنيادن تي هڪ سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ موجب ٿوم، ٻارڻ جي ڪاٺين ۽ گيهه جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ٿي. ٻئي طرف، هڪ هفتي دوران ٽماٽن جي قيمت ۾ 21.99 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته پيٽرول 3.63 سيڪڙو ۽ ڊيزل 1.68 سيڪڙو سستو ٿيو. ڪيلن جي قيمت ۾ 2.42 سيڪڙو، آلوءَ ۾ 1.38 سيڪڙو ۽ چڻن جي دال ۾ 0.93 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. انڊن ۽ کير جي پائوڊر جون قيمتون پڻ گهٽيون. سالياني بنيادن تي ايل پي جي جي قيمت ۾ 107.12 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته بصرن جي قيمت 72.81 سيڪڙو ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ 58.59 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب هڪ سال دوران پيٽرول 44.17 سيڪڙو ۽ ڊيزل 41.56 سيڪڙو مهانگو ٿيو. ڪڪڙ جو گوشت 38.99 سيڪڙو، اٽو 36.49 سيڪڙو، ٻاڪرو گوشت 14.66 سيڪڙو، ڳائو گوشت 12.10 سيڪڙو، سادي ڊبل روٽي 10.82 سيڪڙو ۽ تيار چانهه 8.36 سيڪڙو مهانگي ٿي. اداري شماريات موجب سالياني بنيادن تي ٽماٽن جي قيمت ۾ 71.72 سيڪڙو، آلوءَ ۾ 40.75 سيڪڙو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. انڊن جي قيمت پڻ گذريل هڪ سال دوران 22.14 سيڪڙو گهٽجي وئي.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه ضروري شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي باوجود ايل پي جي، ڪڪڙ جي گوشت، اٽي ۽ توانائيءَ جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائيءَ جي مجموعي شرح وڌيڪ وڌي وئي آهي.










