ھلندڙ هفتي عمران خان جي پکڙيل غير يقيني واري صورتحال جو خاتمو اچي ويندو: شرجيل

ھلندڙ هفتي عمران خان جي پکڙيل غير يقيني واري صورتحال جو خاتمو اچي ويندو: شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات, ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ھلندڙ هفتي جي آخر تائين عمران خان پاران ملڪ ۾ پکڙيل غير يقيني واري صورتحال جو خاتمو اچي ويندو. ڪوڙو لانگ مارچ غير موثر ٿي چڪو ۽ ان جي جعلي حيثيت عوام آڏو ظاهرٿي چڪي آهي. صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي پڻ اعتراف ڪيو آهي، ته لانگ مارچ ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان قوم کي گهڙي چوري، ڪڻڪ چوري، کنڊ چوري، مني لانڊرنگ جهڙا وڏا سرپرائز ڏئي چڪو آهي. هن سوال ڪيو ته عمران خان 26 نومبر تي هاڻيڪهڙو وڏو سرپرائز ڏيندو ؟ صوبائي وزير چيو ته عمران خان پنهنجو خير ملهائي ، الڪيشنڪميشن عمران خان کي نااهل قرار ڏئيڇڏيو آهي، هاڻي توشا خاني ۾ ڪيل بدعنوانين کان عمران خان بچي نٿو سگهي. لڳي اهوئي ٿو ته عمران خان ته ھميشہ لاءِ نااهل ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان، فرح گوگي ۽ ان جي ڪابينا جا ميمبر گهڙي جي خريد ۽ وڪري بعد دبئي ۾ رهندڙ شخصيت کان فرمائشون ڪندا رهيا. ھن چيو تہ عمران خان ڪرڪيٽ مان ايترو پيسو ناهي ڪمايو، جيترو توشا خاني جون سوکڙيون وڪرو ڪري ڪمايا آهن. رپورٽ آهن ته عمران خان ڪرڪيٽ ۾ انڊيا مان ملڻ وارو سونو ٻلو به وڪرو ڪري ڇڏيو هو. انهي حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿو ته قيمتي تحفا ۽ اعزاز وڪروڪرڻ عمران خان جي پراڻي عادت آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پريشر ڪڪر ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ته جيئن هو ڪرپشن جي ڪيسز کان بچي سگهي، پر ايئن هاڻي ممڪن ناهي ۽ لڳي ائين ٿيو ته عمران خان جي باقي زندگي عدالتن جا چڪرڪاٽڻ ۽ سلاخن جي پويان گذرندي. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن 2023 ۾ پنهنجي وقت تي ٿيندي ۽ اتحادي حڪومت پنهنجي مدت پوري ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو