نوشهروفيروز (ن س)نوشهروفيروز لڳ مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ ڪوڙي جا ڀان جي رهواسين پاران چوماسي برساتن کان پوء هن وقت تائين ڪنهن به سار نه لٿي رهواسي کليل آسمان هيٺ ويٺل چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميان خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير علي سولنگي۔محرم علي سولنگي علي شير سولنگي۔شرف الدين سولنگي ۔ڪريم بخش۔ عارب۔نجب الدين۔ شهزادو۔ ارباب۔ممتاز ۔دين محمد سولنگي ۽ ٻين چئيو ته چوماسي برساتن کان پوء اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا جنهن سسب اسان کليل آسمان هيٺ اچي ويا آهيون اسان جي گهرن روڊ رستن تي هن وقت به ٽئين کان ڇار فٽ پاڻي بيٺل آهي اسان جي هن وقت تائين چونڊيل ڪائونسلرن۔ ايم پي اي ۔ايم اين اي سميت ضلعي انتظاميان ڪا به سار نه لڌي اسين ڊپٽي ڪمشنر محمد تاشفين عالم نوشهروفيروز ۽ ٻين جا در کڻڪائيندا رهياسين پر ڪنهن به مدد نه ڪئي هن وقت تائين ٽينٽ۔ راشن ۔مڇردانين۔ سميت ضروري سامان به ناهي ڏنو ويو اسان جي ڳوٺ ۾ ميڊيڪل ڪئيمپ به نه لڳائي وئي آهي حد جي تپيدارن توڙي يوسي ٺٺ ڳوراهو جا يوسي سيڪريٽري به اسان کي نظر انداز ڪري رهيا آهن اسين سنڌ حڪومت سميت اعلي ادارن کان پرزور مطالبو ڪيو ٿا ته اسان جي واهر ڪري مدد ڪئي وڃي










