ڳوٺ کي اسڪول ڏيو، سوين ٻار تعليم کان محروم آهن

ڳوٺ کي اسڪول ڏيو، سوين ٻار تعليم کان محروم آهن

مٺي(رپورٽ جي آر جوڻيجو)ڳوٺ ڏيسر جي ڍاڻي ۾ هڪ سئو کان مٿي گهر آهن پر اسڪول ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽر پري آهي، جنهن سبب اڪثر ٻار تعليم کان محروم آهن رڳو 30 ٻار 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري تعليم هاصل ڪري رهيا آهن. ڳوٺ ڏيسر جي ڍاڻي سمورين بنيادي سهوليتون روڊ پاڻي صحت جي سهوليت کان محروم آھي اتي بنيادي ضرورت تعليم جهڙي زيور کان به هتان جا ٻار محروم آھن جنهن سبب ڪيترن ئي معصومن جا خواب اکين ۾ اداسي بڻجي رهجي ويا آھن ڳوٺ جا ٽيهه ٻار تعليم پرائڻ پنج ڪلوميٽر پيادل سفر ڪري ٻي ڳوٺ وڃن جنهن دوران معصوم سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا هنن مطالبو ڪيو ته ڪو سماجي ادارو يا سنڌ حڪومت اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول جي سهوليت ميسر ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو