ڳوٺن کي ريگيولر ڪرڻ واري ڪميٽي ۾ سڀن کي شامل ڪريو:گورنر جو خط

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ سنڌي آبادي خلاف کليل نموني سامهون اچي ويو.ذريعن موجب ڪامران ٽيسوري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڳوٺن کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، ان ۾ سڀني جماعتن جو هجڻ ضروري آهي.گورنر خط ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سميت جماعت اسلامي کي ان حوالي سان خدشا آهن، اين جي اوز کي به ان تي خدشا آهن.خط جي متن موجب زمينن تي قبضي جي حوالي سان بدعنواني جا دَر اثرائتي طريقي سان بند ڪرڻ جي ضرورت آهي، مان سمجهان ٿو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ڪنهن به قسم جي بدعنواني يا زمينن تي قبضي جي خلاف آهن، ڪميٽي شفاف طريقي سان ٺهڻ گهرجي.ڪامران ٽيسوري خط ۾ چيو آهي ته جڏهن ڪميٽي تي خدشا هوندا ته ڪيئن اهو معاملو شفاف ٿي سگهي ٿو، ريگيولرائيزيشن ڪميٽي کي ختم ڪري ان ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل ڪيو وڃي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ ڪچي آبادي ۽ ڳوٺ آبادي جا قانون دوکيبازي، جعلسازي ۽ بدعنواني جو ذريعو رهيا، اهو عمل نجي يا سرڪاري زمين تي قبضي کي هٿي ڏئي ٿو ۽ پوءِ مستقبل ۾ اهڙي زمين کي باقاعدي ريگيولرائز ڪيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو