سرحد(ن سنڌيار) سرحد ڀرسان لاپتا ٿيل ڳوٺاڻي جي اغوا جي تصديق ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري اغوا جو اطلاع ڏئي ڇڏيو وارثن جو احتجاج نوجوان جي بازيابي جي اپيل خبرموجب سرحد ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ڪنڊراڻي واسي چئن ڏينهن کان لاپتا ٿيل ڳوٺاڻي خالد حسين ڪنڊراڻي جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آھي مغوي جي وارثن پاران احتجاج ڪندي چيو ويو ته ڌاڙيلن فون ڪري خالد حسين ڪنڊراڻي جو اطلاع ڏنو آھي، گهوٽڪي توڙي سرحد پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي مغوي خالد حسين ڪنڊراڻي جي بازيابي لاء ڪا به مدد نٿي ڪري ۽ نه ئي ڪو ڪيس وغيره پڻ داخل ڪيو ويو آھي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوجوان جي بازيابي جي اپيل ڪئي آھي










