ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين خلاف گھرڀاتين سميت احتجاج

اوٻاوڙو )رپوٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو لڳ مريدشاخ ڀرسان ڳوٺ وارث پل جي رھواسين جو بااثر ماڻھن جي مبينا زيادتين خلاف پنھنجي گھرڀاتين سميت احتجاجي مظاھرو ۔ان موقعي تي وارث پل جو رھواسي صدام ملڪ پنھنجي گھرڀاتين سان گڏجي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته غفار عرف ستار ولد قبول ملڪ ۽ ميران بخش ولد قبول ملڪ وارن ھڪ سال اڳ مونکان اوڌر تي 370000 ٽي لک ستر ھزار پئسا ورتا ھئا ۔ جڏھن ته مان پنھنجا پئسا واپس ڪرڻ لا۽ ھنن کي چوندو ھيس ته اھي اڄ سڀاڻي ڪندي ھڪ سال گذري ويو ھاڻي مان پنھنجا پئسا گھران ٿو ته مونکي غفار عرف ستار  ۽ ميران بخش ملڪ مونکي موتمار ڌمڪيون ڏيئن ٿا  ۽ چوندا آھن ۽ مون چار ڏينھن اڳ کنڀڙا ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي ھئي پوليس ميران بخش ملڪ جي پٽ سڪندر ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو ھو ۽ ھنن منھنجي ۽ منھنجي مائٽن خلاف سوشل ميڊيا تي غلط افواھون ھلائي رھيا آھن ۔اھي خبرون بي بنياد آھن ۔صدام ملڪ وڌيڪ چيو ته اسين مسڪين آھيون اسان کي غفار عرف ستار ملڪ ۽ ميران بخش ولد قبول ملڪ مان  خطرو آھي اسان  آئي جي سنڌ ۔ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کي اپيل ڪيون ٿا ته وارث پل جي رھواسين غفار عرف ستار ملڪ وارن کان منھنجا ڏنل پئسا واپس ڪرائي ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي نه ته منھنجو احتجاج جو سلسلو جاري رھندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو