دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) دادو جي ڳوٺ رحم علي لنڊ جي رهواسين دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته سندن ڌي 4 ٻارن جي ماءَ روبينا لنڊ کي با اثرن الهڏتو لنڊ، اياز لنڊ، ذوالفقار لنڊ، وزير لنڊ ۽ ٻيا اغوا ڪري وياآهن. اهڙو ڪيس دادو جي عدالت ۾ پڻ هلندڙ آهي با اثر جوابدار ڊرامو رچائي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، هنن چيو ته سندن ڌي روبينا لنڊ جي زندگي کي خطرو آهي خبر ناهي ته هنن نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي يا گهر ۾ قيد ڪري رکيو آهي سندن نياڻي روبينا لنڊ کي 4 ٻارن جو اولاد آھي. جنهن ۾ مصطفيٰ، غلام نبي، رابعہ لنڊ عبدالنبي شامل آهن معصوم ٻارڙا ماءَ نه هجڻ سبب سخت پريشان آهن، معصوم ٻارن چيو ته امان موٽائي ڏيو يا اسان کي به ماءُ ڏي موڪليو.امان کي عدالت ۾ گھرايو وڃي نه ته اسان مري وينداسين. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته با اثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري نياڻي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ آندو وڃي ۽ با اثر ڌر پاران داخل ڪرايل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي،










